شرح السراجي (قلمي نسخو)

شرح السراجي (قلمي نسخو)

شرح السراجي قلمي نسخو

شرح السراجي (قلمي نسخو): عربي زبان ۾ لکيل هن قلمي ڪتاب جي مصنف جو نالو ڄاڻايل نه آهي. ڪتاب جو موضوع ‘فرائض’ آهي. ڪتاب ۾ ڪل 108 صفحا موجود آهن ۽ هر صفحي تي 21 سٽون تحرير ٿيل آهن، جيڪي خط نسخ ۾ ڪتابت ٿيل آهن. ڪتاب جو ڪاتب ملا موليڏنو (موليٰ ڏنو) آهي، جيڪو لکيءَ جو رهاڪو هو ۽ 1176هه/ 1762ع ۾ لکي پورو ڪيائين. هي قلمي نسخو، سنڌي ادبي بورڊ جي قلمي نسخن ۾ محفوظ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو